يوڪرين نيٽو جو ميمبر نٿو ٿي سگهي، صدر زيلنسڪي

يوڪرين نيٽو جو ميمبر نٿو ٿي سگهي، صدر زيلنسڪي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان نيٽو جا ميمبر نه ٿا ٿي سگهون. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي گذريل ڏينهن فوجي اهلڪارن کي هڪ وڊيو خطاب ۾ چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته يوڪرين نيٽو جو ميمبر ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان ٻڌو آهي ته نيٽو جا دروازا يوڪرين لاءِ کليل آهن، هاڻ ٻڌي رهيا آهيون ته يوڪرين نيٽو ۾ شامل نه ٿو ٿي سگهي، يوڪرين نيٽو جو ميمبر نه ٿو بڻجي سگهي، اهو صحيح آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته يوڪرين ان کان اڳ روس سان جنگ وڌڻ جي خدشي سبب يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ جي باضابطه درخواست ڪئي هئي، جيڪا منظور ڪئي وئي هئي. روس اهو ئي چاهي پيو ته يوڪرين نيٽو جو ميمبر نه ٿئي. نيٽو فورسز يوڪرين جي زباني ڪلمي حمايت ته ڪئي پر جنگ ۾ روس خلاف مدد نه ڪئي. نيٽو ۽ آمريڪا سڀني جو موقف هو ته روس خلاف جنگ ۾ حصو وٺڻ سان ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو