ايڪشن ڪميٽي پاران شھر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ايڪشن ڪميٽي پاران شھر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ ) يوٿ ايڪشن ڪميٽي ٺٽو پاران ٺٽي شھر ۾ پاڻي جي کوٽ توڙي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي ۾ ٿيندڙ اضافي خلاف  ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي شھر ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي صدر فھد ڪرناڻي، بابر خاصخيلي رئوف شيخ، سارنگ سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪري قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ٺٽو تاريخي شھر آھي، جنھن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آھن، ڪروڙين روپين جي بجيٽ ضلعي انتظاميه گوڏي جي ھيٺان ھڻيو ڇڏي شھر جو ڪو والي وارث ناھي، ڪامورا شاھي ڪرپشن ڪري سموري بجٽ ھر مھيني کايو وڃي، جنھن ڪري شھر گندگي جي لپيٽ ۾ ھجڻ سان گڏ پاڻي جي پڻ سخت کوٽ پيدا ٿي ويئي آھي، پر انتظاميه ڪوبه  توجھ ڏيڻ لاء تيار ناھي جنھن ڪري شھري سراپا احتجاج بڻيل آھن. ھنن گھر ڪئي ته فورن پاڻي جي کوٽ ختم ڪري شھر مان گندگي جو ازار ختم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس مڪلي اڳيان مسئلن جي حل تائين ڌرڻو ھڻي احتجاج کي جاري رکيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو