يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊز واري شين جي قيمتن ۾ واڌ

يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊز واري شين جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز پنهنجي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.يوٽيلٽي اسٽورن تي کير، چانهه، ڪريم ۽ جوس جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ڪئي ويندي.يوٽيلٽي اسٽورن تي هڪ ليٽر کير جي اگهه ۾ 30 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ کير جي هڪ ليٽر پيڪيج جي قيمت 217 رپين مان وڌي 247 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 900 گرام چانهه جي قيمت ۾ 250 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. 1490 رپين مان وڌي 1740 رپيا ٿي ويو آهي.ان کان علاوه 200 گرام ڪريم جي قيمت ۾ 20 رپيا ۽ 1000 ملي ليٽر جوس جي قيمت ۾ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو