يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي جو اگهه 950 کان 800 رپيا ڪرڻ جو فيصلو

يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي جو اگهه 950 کان 800 رپيا ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو)يوٽيلٽي اسٽورن تي 20 ڪلو اٽي جو اگهه 950 کان 800 رپيا ۽ کنڊ جو اگهه 85 رپيا في ڪلو مان گهٽائي 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سبزي جي گهي تي 180 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي جڏهن ته ملڪي گهرج موجب 3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.اي سي سي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن تي نظرثاني جي سمري منظور ڪئي وئي. اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 950 مان گهٽائي 800 رپيا ۽ کنڊ جو اگهه 85 رپيا 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.بيان موجب وزيراعظم جي رليف پيڪيج ۾ مئي، جون تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، رمضان رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورن تي ضروري شين جي وڪرو جي به اجازت ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو