ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ انتظاميه پاران يوم حضرت علي عليه السلام جي موقعي تي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا، ترجمان واٽر بورڊ موجب واٽر بورڊ عملدارن پاران يوم حضرت علي جي موقعي تي سمورين مسجدن، امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي سمورين شڪايتن جو خاتمو ڪندي سمورن مين ھولز کي صحيح ۽ محفوظ طريقي سان ڍڪيو ويو آهي تہ جيئن عزادارن ۽ عبادت گذارن کي ڪنهن بہ مسئلي يا پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، سي اي او واٽر بورڊ جي هدايتن تي يوم حضرت علي جي موقعي تي واٽر بورڊ جو سمورو آپريشنل ۽ فيلڊ اسٽاف پاڻي ۽ سيوريج جي ڪنهن بہ ھنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ رھندي موجود رھندو، ان کان علاوه سمورين مسجدن، امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مفت پاڻي جا ٽينڪرز فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ نشتر پارڪ، امام بارگاھ حسينيه ايرانيان، ايم اي جناح روڊ، ڪي ايم سي بلڊنگ، اين جي وي اسڪول سميت مزار قائد تي واٽر ٽينڪرز پھچايا ويا آهن جڏهن تہ ڪنهن بہ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سوڪ سينٽر هيڊ آفيس وٽ پاڻي سان ڀريل واٽر ٽينڪرز اسٽينڊ بائي تي بيھاريا ويا آهن، جڏهن تہ انچارج هائيڊرنٽس سيل جي هدايتن تي فوڪل پرسن هائڊرنٽس سيل يوم حضرت علي جي موقعي تي سمورن انتظامن جي نگراني ذاتي طور پاڻ ڪري رهيو آهي، سي اي او واٽر بورڊ پاران انچارج هائڊرنٽس سيل سميت ٻين اعليٰ آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ يوم حضرت علي جي موقعي تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن سميت ضلعي انتظاميه ۽ جعفريه الائنس پاڪستان سان مڪمل رابطي ۾ رھندي انهن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي.










