ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات کاتي ڪراچي جي ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو جي ڀيڻ ۽ سردار قلندر بخش ڪابورو جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، جنھن جي نماز جنازہ شهيد مخدوم بلاول جي جامعہ مسجد ۾ ادا ڪئي وئي۔ نماز جنازہ ۾ علائقي جي سياسي، سماجي ۽ معززين شرڪت ڪئي۔ جنهن جي تعزيت جو سلسلو دادو ڀرسان ڳوٺ فتح محمد ڪابورو ۾ جاري آهي۔ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات سنڌ محمد سليم خان دادو لڳ ڳوٺ فتح محمد ڪابورو ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات يوسف ڪابورو ۽ سردار قلندر بخش ڪابورو سان تعزيت ڪئي. ان وقعي تي اطلاعات کاتي جا ڊائريڪٽر رياض ميمڻ، اختر علي سرهيو، منصور احمد راجپوت، حزب اللہ ميمڻ، فيصل فاروقي، فداحسين بالادي، ڊپٽي ڊائريڪٽرن سرور سميجو ۽ عليم خان پڻ گڏ ھئا۔ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار رفيق احمد جمالي جي فرزند سردار زادہ جنيد احمد جمالي، ممتاز احمد جمالي کان علاوہ علائقي جي معززين سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ پهچي فاتحہ خواني ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.










