اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته سندس مڙس کي ڦاسي جي گهيري ۾ رکيو پيو وڃي.اسلام آباد ۾ يڪجهتي ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي ظلمن جي مزاحمت ڪري رهيا آهن ۽ ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي.مشعال ملڪ چيو ته آسيه اندرابي سخت بيمار آهي، کيس تہاڑ جيل ۾ رکيو ويو آهي، قرباني ڏيندڙن جي تحريڪ ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي.هن چيو ته ڀارت ڪشميرين جا سمورا حق کسي ورتو آهي، والاريل ڪشمير ۾ 5 لک ڀارتي آبادي آهن، ڀارت والاريل ڪشمير کي مني انڊيا بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.مشعال ملڪ چيو ته ڪشميري عذاب مان گذري رهيا آهن پر ثابت قدم آهن، اسان کي پنهنجن پيارن ۽ اڳواڻن جا لاش به نٿا ملن. هن چيو ته ڪشميري قوم ۽ ڪشميري تحريڪ پاڪستان جي دفاع جي لڪير آهي.










