وڻ ڪٽائي واري درخواست تي ڌرين کي نوٽيس

وڻ ڪٽائي واري درخواست تي ڌرين کي نوٽيس

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ناصر باغ ۾ وڻن جي ڪٽائي بابت درخواست تي پي ايڇ اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم اظهر صديق پاران سموگ جي روڪٿام بابت داخل ڪيل هڪ متفرق درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪمن جي باوجود ناصر باغ ۾ وڻ ڪٽيا ويا آهن، ۽ ان کان اڳ ڪينٽ ۾ هڪ بوهر جو وڻ به ڪٽيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو