وڪيل قتل، 4 آگسٽ تي عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان

وڪيل قتل، 4 آگسٽ تي عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)سنڌ بار ڪائونسل سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جي قتل تي 4 آگسٽ تي سڄي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو.سنڌ بار ڪائونسل سومر تي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ۽ نامزد جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته قاتل عمران آفريدي جو پيءُ نبي گل سنڌ پوليس جو آفيسر هو ۽ مقتول خواجه شمس الاسلام جي سيڪيورٽي گارڊ طور مقرر هو.پوليس سينئر وڪيل کي قتل ڪندڙ عمران آفريدي جي ٻن مائٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مکيه جوابدار فرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو