سلطانپور(رپورٽ قربان مهر) پوليس جي مبينه نجي ٽارچر سيل ۾ مارجي ويل فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي اغوا ۽ قتل واري ڪيس ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آئي جي) لاڙڪاڻو عرفان بلوچ سکر پوليس جي اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو آھي ڊي آئي جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آئي جي سکر ڏانھن موڪليل انڪوائري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ايس ايس پي سکر پان يا سندس آپريٽر وڪيل کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو حڪم نه ڏنو هو پر ڊي ايس پي مسعود رسول مهر ان جو مک ڪردار آهي. 11 سيپٽمبر 2020 تي پوليس سکر رينج جي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) ڪامران فضل ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ کي هدايت ڪئي هئي ته ڪيس جي باري ۾ تفصيلي جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي ، انڪوائري رپورٽ مطابق ڊي آءِ جي عرفان بلوچ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ مشتاق مهر کي ڊي ايس پي مسعود رسول مهر جي خلاف وڪيل جي قتل ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي سندس خلاف محڪماڻي ڪارروائي لاءِ سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته کيس ڊي ايس پي مسعود مهر کي ايس ايڇ او بشير ڀيو ، اي ايس آءِ گل حسن سيلرو ، خانگي شخص اسد انڍڙ ۽ ان جي پٽ عدنان انڍڙ کي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو آهي.

رپورٽ جي ڪاپي سنڌيار وٽ موجود آهي، جنهن۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقتول ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي پوليس جي مخبر مالڪ چنا جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس ۾ سکر پوليس فيصل آباد مان گرفتار ڪيو هو ۽ مقتول وڪيل بعد ۾ پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس لاش پنجاب ۾ اڇلايو ويو.

انڪوائري رپورٽ ۾ پوليس اهلڪارن اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي ، پوليس ڪانسٽيبلز درگاه ڏنو ، نصير احمد ۽ سرمد يعقوب کي بي گناھ قرار ڏنو ويو آهي ، انڪوائري رپورٽ مطابق ، سڀني جوابدار پوليس اهلڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن جي وڏن منشين کين اطلاع ڏنو ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون وڪيل ميان اعجاز آرائين جي گرفتاري لاءِ فيصل آباد وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي، پر انڪوائري دوران ڪنهن به وڏي منشي ان بيان کي تسليم نه ڪيو آھي، انڪوائري رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ملزم پوليس اهلڪارن پنهنجي بيانن ۾ چيو آهي ته ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏ اهي سکر پوليس جي موبائيل ۾ فيصل آباد پهتا ، ان بعد هڪ پرائيويٽ شخص ميان اسد انڍڙ ۽ هن جو پٽ عدنان هڪ خانگي گاڏي ۾ هنن سان گڏ هو جيڪو ڊي ايس پي مسعود رسول مهر اسد انڍڙ سان رابطي ۾ هئا.

جڏهن پوليس پارٽي ميان اسد انڍڙ سان گڏ فيصل آباد پهتي ته ڊي ايس پي مسعود مهر کيس هڪ لک روپيا ايزي پيسا ذريعي موڪليا هئا ، انڪوائري رپورٽ ۾ ملزم پوليس اهلڪارن جي بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته جڏهن فيصل آباد پوليس وڪيل ميان اعجاز کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس جي پارٽي جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته پرائيويٽ شخص اسد انڍڙ انسداد دهشتگردي واري کاتي (سي ٽي ڊي) جي چار اهلڪارن جو بندوبست ڪيو جن وڪيل اعجاز آرائين کي گرفتار ڪري سنڌ پوليس حوالي ڪيو جيڪا بعد ۾ کيس سکر کڻي آئي. رپورٽ موجب مقتول وڪيل جو پنهنجي والده شميم بانو ۽ ڀيڻڻ سان ملڪيت تي تڪرار هو ۽ ڊي ايس پي مسعود رسول مهر شميم بانو جي غير قانوني طرح مدد ڪري رهيو هو.

ڪيس جي تفصيل مطابق ساڳي ڏوھ جا 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا هڪ 19 آگسٽ 2020 تي ، پوليس پوليس مدينه ٽائون فيصل آباد ۾ سکر پوليس جي آفيسر مسعود رسول مهر (ڊي ايس پي) ۽ سنڌ پوليس جي ٻين آفيسرن جي قتل ٿيل وڪيل جي گهر واري اقصيٰ رشيد جي فرياد تي مقتول جي والده شميم بانو ، وڪيل جي ٻن ڀينرن جڏهن ته ٻيو ڪيس 23 آگسٽ 2020 تي پوليس اسٽيشن پنو عاقل ڪينٽ تي ايس ايڇ او الله وڌايو پتافي جي فرياد تي ٻه اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز (اي ايس آءِ) گل حسن سيلرو ۽ غلام مصطفيٰ ميراڻيءَ ۽ پوليس ڪانسٽيبل يعقوب ، نصير ، درگاه ڏنو مٿان وڪيل جي قتل ڪيس جي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪئي وئي ، سکر پوليس جي ذريعن موجب معاملي کي لڪائڻ ۽ ڪجهه ملوث پوليس اهلڪارن کي بچائڻ ۽ ملزم کي پنجاب پوليس جي تحويل کان پري رکڻ لاءِ ايس ايڇ او الله وڌايو پتافي جي فرياد تي سکر ضلعي ۾ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو ، واضح رھي ته پوليس عملدارن ايس ايڇ او بشير ڀيو ، ٻن اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز (اي ايس آئيز) گل حسن سيلرو ۽ غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ پوليس ڪانسٽيبل يعقوب ، نصير ، درگاه ڏنو ۽ پوليس جي مخبر عبدالمالڪ چنو جوڊيشل ريمانڊ تي سکر سينٽرل جيل ۾ آهن.

جڏهن ته هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود ڪيس جي نامزد ملزم شميم بانو ۽ ان جون ٻه ڌيئرون عديلا ، صوبيا ۽ بااثر ميان اسد انڍڙ ۽ ان جو پٽ عدنان کي سکر پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آھي ، جڏھن ته ذريعن دعوا ڪئي آھي ته ڊي آئي جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آئي جي سکر کي انڪوائري رپورٽ ڏيڻ کانپوءِ ان وڪيل جي قتل ڪيس واري معاملي جي ڪري ئي ايس ايس پي سکر عرفان سمون کان سي ٽي ڊي سکر جي اضافي چارج واپس وٺي ايس ايس پي گھوٽڪي حوالي ڪئي آهي.










