ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن مسٽر اينڊريو شوفر (Mr. Andrew Schofer) سان ملاقات ۾ چيو آهي ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏئي چڪو آهي تنهنڪري ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مراد علي شاهه چيو ته 3 لک گهر ڊاهي پٽ ٿيڻ ۽ 15 لک ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ سان صوبي ۾ انساني بحران پيدا ٿيو آهي ۽ مختلف ڳوٺ، شهر ۽ هاءِ ويز جا ڪجهه حصا ۽ ريلوي ٽريڪ اڃان به پاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٽريفڪ جي روانگي ۽ بهترين ٽرانسپورٽ لاءِريلوي ٽريڪ ۽ هاءِ ويز کي پاڻي کان صاف ڪيو وڃي. مسٽر شوفر سخت برساتن / ٻوڏ دوران لڳ ڀڳ 600 فوتگين تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته آمريڪي حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومت جي مدد ڪندي. هن اهو پڻ چيو ته آمريڪي حڪومت ڊهي پٽ ٿيل گهرن جي ٻيهر تعمير ۾ به مدد ڪندي. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته سندس حڪومت خيمن ۽ مڇرداڻين جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اسان 15 لک خيمن ڀيٽ ۾ 270000 خيما ورهايا آهن جڏهن ته ماڻهن کي پنهنجن گهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ تائين وڌيڪ خيمن جي ضرورت آهي ڇوته انهن جا گهر ٺاهڻ ۾ وقت لڳندو. دوري تي آيل آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت سنڌ حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪندي.










