وڏي وزير سان يونيسيف ۽ يو اين اڳواڻن جي ملاقات،ٻوڏ متاثرن بابت ڳالهيون

وڏي وزير سان يونيسيف ۽ يو اين اڳواڻن جي ملاقات،ٻوڏ متاثرن بابت ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان يونيسيف جي نمائندي عبدالله فاديل ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ تعليم وارو وزير سردار شاهه پڻ موجود هو، وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،موسمياتي تبديلي، ماحوليات ۽ ٻوڏ متاثر گهرن لاءِ سولر سسٽم تي بحث ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 2.1 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون ۽ ان ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهيون،سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان سان ملاقات ۾ صحت جي مسئلن خاص طور پوليو جي خاتمي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي،اسان چونڊيل نمائندن کي به پوليو خلاف مهم ۾ شامل ڪيو آهي، ٻارن ۾ پوليو وائرس خلاف قوت مدافعت وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن،سنڌ حڪومت ننڍي قد جي ٻارن جي اسٽنٽنگ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي،سنڌ حڪومت يونيسيف جي شڪر گذار آهي، جنهن ڀرپور سهڪار ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

پهنجو تبصرو موڪليو