ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان مواصلات واري وفاقي وزير اسد محمود جي اين ايڇ اي ٽيم جي ملاقات ڪئي،ٽيم ۾ سيڪريٽري ڪميونيڪيشن ڪيپٽن محمد خرم، ميمبر سنڌ اين ايڇ اي منير ميمڻ، ميمبر فنانس اين ايڇ اي محمد طيب ۽ ٻيا شرڪت ڪندڙ شامل آهن. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ايم بي آر بقاءَ الله انڙ، پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس شارق، سيڪريٽري فنانس ساجد جمال ابڙو ۽ ٻيا به موجود آهن.ملاقات ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ هلندڙ روڊن جي اسڪيمن ۽ انهن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ترجمان وڏي وزير موجب سنڌ جي وڏي وزير ايم 9 حيدرآباد- کوکراپار ذريعي ميرپورخاص روڊ، ڄامشورو- سيوهڻ، گهارو- ڪيٽي بندر بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير اسد محمود چيو آهي ته هو سنڌ ۾ روڊن رٿائن کي تيز ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽيم سان گڏ آيو آهي اين ايڇ اي ٽيم سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته مانجهند وٽ زمين جي قبضي جا ڪجهه مسئلا آهن،سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي زمين الاٽمينٽ جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،وڏي وزير چيو ته عمرڪوٽ کان کوکراپار تائين 40 ڪلوميٽر روڊ جو ڪم روڪيو ويو آهي، وفاقي وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عمرڪوٽ کان کوکراپار روڊ تي ڪم شروع ڪيو وڃي،سنڌ جي وڏي وزير ايم 9 تي تيزي سان ڪم جي واکاڻ ڪئي،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته روڊ جي شروعات ۽ پڇاڙي کان ڪم شروع ڪيو وڃي،مراد شاهه وڌيڪ چيو ته گھارو کان ڪيٽي بندر روڊ تي ڪم 2006ع ۾ شروع ڪيو ويو پر بعد ۾ 2008ع ۾ ڪم بند ڪرايو ويو،وفاقي وزير اسد محمود چيو ته گهارو کان ڪيٽي بندر روڊ تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو










