گلگت(ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ سڏايل اجلاس تي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اڄ ٿيڻ واري گلگت بلتستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي.گلگت بلتستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اجلاس اڄ 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبر حاجي گلبر خان اجلاس ملتوي ڪرڻ لاءِ سپريم اپيلٽ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.حاجي گلبر خان موقف اختيار ڪيو ته هو بيماري سبب گلگت ۾ موجود ناهي، ان ڪري هو اليڪشن جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي.اسپيڪر پاران اڄ سڏايل اجلاس سپريم اپيلٽ ڪورٽ روڪي ڇڏيو.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته اسپيڪر 72 ڪلاڪن ۾ گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي چونڊ جو نئون شيڊول پيش ڪري.










