وڏي وزير جي سکر آمد،برسات متاثر علائقن جو دورو،بريفنگ،هدايتون

وڏي وزير جي سکر آمد،برسات متاثر علائقن جو دورو،بريفنگ،هدايتون

سکر(ن سنڌيار) سنڌ جي وڏي وزير جو برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس سکر ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه، صوبائي وزيرن ناصر شاهه، مڪيش چاولا، ڄام اڪرام، صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا، سکر جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سکر ۾ ٻين شهرن وانگر برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، روڊن تي پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري عوام پريشان آهي، * پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ، جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي اختيارين ٻڌايو ته سکر ۾ 4276 گهرن کي نقصان پهتو آهي، سنڌ جي وڏي وزير آگاهي ڏني آهي برسات سبب 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن 17 زخمي رپورٽ ٿيا آهن،19200 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اها رپورٽ ابتدائي آهي نقصان جو صحيح اندازو لڳايو پيو وڃي،اٿارٽي ذريعي ٻيهر نقصان جو ڊيٽا ٺاهيو، وڏي وزير جي ڊي سي سکر کي هدايت، سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هر ضلعي جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي، ڪم نه ڪندڙ آفيسرن کي گهر موڪليو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت ڪئي،برساتن ۾ فوت ٿيندڙ جانورن جا تفصيل گڏ ڪيا وڃن، سنڌ جي وڏي وزير لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. 112377 ايڪڙ جيڪو سکر ضلعي جو 84 سيڪڙو فصل آهي برساتن سبب تباهه ٿي ويو آهي.173 ڳوٺن ۾ فصلن کي نقصان پهتو، شهر مان پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي، وڏي وزير جي ڊي سي ۽ پي ڊي ايم اي جي هدايت بشير آباد، بندر روڊ ۽ ڪجهه هنڌن تان 12 ڊيزل انجڻيون پاڻي ڪڍي رهيون آهن 6 ٽرڪن/ ٽريڪٽرن تي ڊيزل انجڻون لڳائي مختلف هنڌن تان پاڻي نيڪال شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ جي بحالي واري صلاحڪار رسول بخش چانڊيو وڏي وزير کي ٻڌايو ته پي ڊي ايم اي سکر انتظاميه کي ضروري سامان فراهم ڪيو آهي. سکر کي 4300 خيما، 4300 مڇر داني، 600 ڪين، 1900 ترپال ۽ 2 ٻيڙيون ڏنيون ويون آهن. سنڌ جي وڏي وزير پي ڊي ايم اي کي سکر ۾ گهربل سامان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي پراڻي سکر مان پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ،سنڌ جي وڏي وزير ڪيمپس ۾ رهندڙن کي کاڌو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي سکر کي فوري طور فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي سنڌ جي وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪالهه کان برساتن جي نئين اسپيل لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، وڏي وزير چيو ته مان سنڌ حڪومت جي سمورن آفيسرن کي عوام جي مدد لاءِ ڪم ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو