وڏي وزير جو اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد گورنر آرڊر واپس وٺي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي مان بي اعتمادي جي ووٽ کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي عهدي تان هٽائڻ واري گورنر پنجاب جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جسٽس عابد عزيز شيخ پڇاڻو ڪيو ته ڇا گورنر اعتماد جي ووٽ تان مطمئن آهي، جنهن تي پنجاب جي گورنر جي وڪيل چيو ته اعتماد جي ووٽ جو رڪارڊ عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.جسٽس عابد عزيز شيخ پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر کان پڇيو ته توهان ڇا چوندا؟ فلور ٽيسٽ ٿي چڪي آهي، ڇا توهان اها درخواست ٻڌڻ لاءِ اصرار ڪندا؟ بئريسٽر علي ظفر چيو ته مان ان نقطي تي مختصر دليل ڏيڻ چاهيان ٿو، اسان وٽ ووٽ آهن، هي اصول جو معاملو آهي، گورنر کي دليل ڏيڻ گهرجن ها.وڪيل چوڌري پرويز الاهي چيو ته ظاهر آهي ته درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، گورنر جو نوٽيفڪيشن قانون موجب نه هو.جسٽس عابد عزيز شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته ووٽ وٺڻ کانپوءِ هڪ مسئلو حل ٿي ويو آهي، آرٽيڪل 137 تحت اعتماد جو ووٽ ورتو ويو آهي، هاڻ سوال رهي ٿو ته گورنر جو نوٽيفڪيشن درست هو يا نه. جسٽس عاصم حفيظ چيو ته جيڪڏهن توهان چئو ته گورنر جو حڪم غير قانوني آهي ته پوءِ معاملو آخر تائين وڃي پهچندو، جڏهن ته جسٽس عابد عزيز شيخ چيو ته جيڪڏهن گورنر جي حڪم کي ڏسڻو آهي ته پوءِ سڀ ڪجهه ڏسڻو پوندو. چڱو ٿيو، گورنر کي راضي ڪرڻ لاءِ اعتماد جو ووٽ ورتو.بئريسٽر علي ظفر چيو ته گورنر جو وڏي وزير کي هٽائڻ وارو قدم غير قانوني آهي، جنهن تي جسٽس عابد عزيز شيخ چيو ته عدالت متفقه فيصلو ڏئي، گورنر جو وڏي وزير کي هٽائڻ وارو قدم غير قانوني آهي.جسٽس عابد عزيز شيخ چيو ته هاڻي اسان جا ٽي سوال آهن، هڪ سوال تي توهان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي، جنهن تي ٻئي سوال تي بئريسٽر علي ظفر چيو ته مناسب وقت تي عدالت جي مدد ڪندس، جڏهن ته جسٽس عابد عزيز چيو ته. ٽيون سوال اهو هوندو ته اجلاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ تي گهر موڪلي سگهجي ٿو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته تاريخ مقرر ڪرڻ جو سوال گورنر به اٿاري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو