وڏيرن مسڪين ماروئڙن جا گهر ۽ شهر ٻوڙي ڇڏيا :زين شاهه

وڏيرن مسڪين ماروئڙن جا گهر ۽ شهر ٻوڙي ڇڏيا :زين شاهه

دادو(ن سنڌيار)ايس يو پي چيئرمين سيد زين شاهه،روشن علي ٻرڙو ۽ مرڪزي اڳواڻ دادو پهتا ايس يو پي اڳواڻن ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪرڻ بعد دادو پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هتان جي وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن پنهنجا گهر، بنگلا ۽ زمينون بچائڻ لاءِ مسڪين ماروئڙن جا گهر ۽ شهر ٻوڙي ڇڏيا آهن اربين روپيه ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏيکاريا ويا بندن تي روپيو به خرچ نه ٿيو سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر دادو ضلعي ۾ لکين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، متاثر بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پاڪستان ۾ سريلنڪا کان وڌيڪ حالت خراب ٿي رهي آهي عوام کي احتساب ڪرڻو پوندو پوري دنيا مان سنڌ جي متاثرين لاءِ سامان ملي پيو، ڪامورا ۽ چونڊيل نمائنده ملي ڀڳت ڪري متاثرين جي امداد تي هٿ صاف ڪري رهيا آهن ماڻهون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ان موقعي تي غلام مصطفيٰ جانوري، ڪامريڊ نياز پنهور، ساجد پنهور ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو