ڪراچي (نمائندن وٽان) حڪومت پاران وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ ۽ 50 هزار جي شاپنگ تي شناختي ڪارڊ طلب ڪرڻ خلاف آل پاڪستان انجمن تاجران ۽ مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي سڏ تي سڄي سنڌ اندر واپارين پاران پنهنجا ڪاروباري مرڪز بند ڪري اربع تي ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. تاجرن مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪرڻ سان گڏ شٽر ڊائون ھڙتال به جاري رکي. ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي تجارتي مرڪز بند ڪيا ويا ان کان علاوهه شهر جي ٻين مارڪيٽن ۾ به مڪمل طور هڙتال ڪري آءِ ايم ايف جو علامتي جنازو کنيوويو. *** حيدرآباد ۾ به واپارين پاران ڪاروباري مرڪز بند ڪري حڪومت جي ناقص پاليسين خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. *** سکر مان امداد علي ڪلوڙ مطابق حڪومت پاران وڌيڪ ٽيڪسن خلاف ڏنل شٽر ڊائون هڙتال کي سکر جي تاجرن به حمايت ڪندي شھر ۾ شٽر ڊائون ھڙتال ڪري ڇڏي ۽ سکر شھر جا سڀ تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪز گهنٽاگهر، اسٽيشن روڊ، نيم جي چاڙهي، شاهي بازار، ريس ڪورس روڊ، نشتر روڊ، صرافه بازار، شھيد گنج، پان منڊي، ڪپڙا مارڪيٽ، اناج بازار ۽ ٻيا پڻ بند آھن ڪاروباري ۽ تجارتي بازارون بند هجڻ ڪري شھر ويران لڳي رهيو آھي.

*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق تاجر برادري جي ملڪ گير ھڙتال جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ به انجمن تاجران ايسوسيئيشن پاران صدر حاجي حضوربخش مغل جي اڳواڻي ۾ سرافه بازار سميت سمورو ڪار وبار بند رکي موجود حڪومت پاران ٽيڪس بابت غلط پاليسن ۽ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس اضافي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.يونين اڳواڻ حاجي حضور بخش مغل ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته موجوده حڪومت جي غلط پاليسن ۽ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ملڪي عوام مٿان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف اڄ کان ٻه ڏينھن پوري ملڪ جيان مرڪزي سڏ جي حمايت ڪندي احتجاج جاري رھندو. *** ٽنڊومحمدخان مان لال بخش سٺيو مطابق تاجران فيڊريشن پاڪستان سان اظھار يڪجھتي ۽ مطالبن جي حمايت م تاجران فيڊريشن ٽنڊومحمدخان جي اپيل تي ٽنڊومحمد خان شهر ۾ شٽربندھڙتال رھي جنھن جي حمايت ضلعي ٽنڊومحمد خان جي سياسي سماجي ۽ ڪاروباري سيٺين ڪئي.جڏھن ته شھر جا مک چوڪ چاندني چوڪ، ميرن جو پڙ، شاھي بازار، سبزي منڊي ۽ ٻيا ڪيترائي مرڪز بلڪل بند رھيا. *** ڪشمور مان جي ايم کوسو مطابق انجمن تاجران جي سڏ تي مسلم بازار،شاھي بازار، صرافه بازار ۽ موبائيل مارڪيٽ بازار مڪمل شٽرڊائون ھڙتال رھيو ۽ ڪاروباري مرڪز بند رھيا دوڪاندارن ھڪ احتجاجي ريلي سندرداس ۽ دانش دايو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي پريس ڪلب ڪشمور ۾ ختم ٿيو.

ان موقعي تي تاجرن جو چوڻ هيو ته ملڪ ۾ ٽيڪسن جي ڀرمار قبول نه آھي ملڪ ۾ ڪاروبار نه هجڻ ڪري اسان جا معاشي حالات تمام خراب آھن حڪومت تاجر برادري جا مسئلا حل ڪرڻ بدران هنن تي وڌيڪ ٽيڪس وجهي رهي آهي جيڪي اسان کي قبول نه آھن ۽ جي حڪومت تاجرن جا مطالبا نه مڃيا ته هي شٽربند هڙتال غيرمعينه مدت ٿائين به ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوهه لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه، خيرپور، نوشهروفيروز، مورو، بدين، سانگهڙ،جيڪب آباد، گهوٽڪي، ڄامشورو سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا. واضح رهي ته تاجرن پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي معاشي پاليسين کي ڪاروبار مخالف قرار ڏيندي ٻن ڏينهن لاءِ سڄي ملڪ اندر شٽرڊائون جو اعلان ڪيو هو ۽ مطالبو ڪيو هو ته حڪومت اضافي ٽيڪس سان گڏ 50 هزار رپين جي ڏيتي ليتي تي شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪري.










