ويڊيو اسڪينڊل سبب اڏندڙ ڌوڙ ڇنڊبي، نوٽيس جاري

ويڊيو اسڪينڊل سبب اڏندڙ ڌوڙ ڇنڊبي، نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ، جج ويڊيو ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته ڪيس جو هر پاسي کان جائزو ورتو ويندو، هاڻ ڌوڙ ڇنڊڻ گهرجي. عدالت وڌيڪ سماعت 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي مريم نواز، شاهد خاقان عباسي ۽ راجا ظفرالحق کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جڙيل 3 رڪني بئنچ احتساب عدالت جي هٽايل جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل جي حوالي سان درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهو چيو ويو آهي ته وڊيو جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺون، ماڻهن جي چوڻ تي ڪم ڪنداسين ته ڇا پوءِ اسان آزاد هونداسين؟ ڪنهن جي مطالبي تي نوٽيس ورتو ته اُهو پاڻمرادو نوٽيس نه هوندو؟ جج جي معاملي کي  پاڻ ڏسنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو