لاهور(ويب ڊيسڪ)اسڪاٽ لينڊ هٿان ويسٽ انڊيز جي شڪست کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ جو عظيم ترين بيٽسمين سر ويوين رچرڊز اداس ٿي ويو.ويسٽ انڊيز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويوين رچرڊز چيو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اسڪاٽ لينڊ هٿان هارائڻ تمام گهڻو مايوس ڪندڙ آهي، اسان ڪڏهن ڪرڪيٽ جي طاقت هئاسين ۽ اها ئي اسان جي سڃاڻپ هئي.ووين رچرڊز جو چوڻ آهي ته مان انفرادي طور تي جيڪو ڪجهه به آهيان، مون کي ويسٽ انڊين هجڻ تي فخر آهي، مون کي پنهنجي ڪرڪيٽ تي فخر آهي، ماضي ۾ اسان جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ان تي مونکي فخر آهي. هن چيو ته هو اڃا به نااميد ناهي، کيس يقين آهي ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم سٺي کيڏندي.سندس اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ويسٽ انڊيز جي ٽيم سپر 12 ۾ نه پهتي ته هو پنهنجو حتمي فيصلو ڏيندو.واضح رهي ته اسڪاٽ لينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائنگ رائونڊ جي ٽئين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏني هئي.161 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 118 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.










