برمنگهم (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا ڪمن ويلٿ گيمز ۾ ميڊلز جي اڌ صدي مڪمل ڪري ورتي آهي.آسٽريلوي رانديگر هن وقت تائين 52 ميڊل کٽي چڪا آهن، جن ۾ 22 گولڊ، 13 سلور ۽ 17 برونز ميڊل شامل آهن.انگلينڊ 34 تمغان سان ٻئي، نيوزيلينڊ 19 تمغان سان ٽئين، ڏکڻ آفريڪا 4 جڏهن ته ڀارت ۽ ڪينيڊا 3-3 گولڊ ميڊل کٽي چڪا آهن.










