لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي جارحاڻي بيٽسمين اعظم خان لاءِ پوسٽر تي پنهنجو پيغام لکڻ کانپوءِ هڪ ڇوڪري اسٽيڊيم ۾ آئي.ڪيريبين پريميئر ليگ جي هڪ ميچ دوران ڇوڪري اعظم خان کي منفرد انداز ۾ شادي جي آڇ ڪئي، جنهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.ڪيريبين پريميئر ليگ جي ٽيم بارباڊوس رائلز پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڇوڪري جي تصوير ۽ ان جو پيغام شيئر ڪيو ۽ اعظم خان کان شادي بابت پڇيو.ان کان اڳ ٽيم جي ان ئي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان اعظم خان جي گاني جي وڊيو به شيئر ڪئي وئي هئي.










