ويسٽ انديز کي 9 وڪيٽن تان شڪست، ڏکڻ آفريڪا ڪواليفاءِ

ويسٽ انديز کي 9 وڪيٽن تان شڪست، ڏکڻ آفريڪا ڪواليفاءِ

احمد آباد(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا 9 وڪيٽن تان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ايڊن مرڪرم 4 ڇڪن ۽ 7 چوڪن سان 46 بالن تي 82 رنز ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ريان رڪلٽن 28 بالن تي 45 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريڪا جي بيٽرز شروعات کان ئي جارحاڻي بيٽنگ شروع ڪئي، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 4 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 24 بالن تي 47 رنسون ٺاهي روسٽن چيز جي بال تي جيسن هولڊر هٿان ڪيچ ٿيو. ٻئي اينڊ تان ايڊن مرڪرم جا اسٽروڪ جاري رهيا ۽ هن ففٽي به مڪمل ڪئي. ريان رڪلٽن به ساڻس ڀرپور ساٿ نڀايو. ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کي 177 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. مقرر 20 اوورن م ويست انڊيز 8 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون. ابتدا ۾ويسٽ انڊيز جا 4 اوورن ۾ 43 رنز تي 4 ٽاپ بيٽر آئوٽ ٿي چڪا هئا. پر بعد ۾ 7 نمبر تي آيل جيسن هولڊر ۽ نائين نمبر تي آيل روماريو شيفرڊ جي سٺي پارتنرشپ لڳي. جيسن هولڊر 31 بالن تي 49 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ روماريو شرفرڊ 37 بالن تي 52 رنز ٺاهي ناٽ ئوٽ رهيو. اپنر برينڊن ڪنگ 21، شئي هوپ 16 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا هئا. نگدي 3، ربادا ۽ ڪاربان بوچ ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. ان کان اڳ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ ڏکڻ آفريقا احمد آباد اسٽيڊيم ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔
واضح رهي ته سپر ايٽ مرحلي ۾ ويسٽ انڊيز هن وقت 2 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا به 2 پوائنٽن سان موجود آهي پر گهٽ نيٽ رن ريٽ سبب ٻئي نمبر تي آهي۔
سپر ايٽ مرحلي ۾ ويسٽ انڊيز پنهنجي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 107 رنز جي وڏي فرق سان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا ڀارت خلاف 76 رنز سان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي۔
ايونٽ جو ٻيو ايندڙ مقابلو چنائي جي ميدان ۾ ڀارت ۽ زمبابوي وچ ۾ کيڏيو ويندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو