ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي ترقي، توانائي جي بچاءَ ۽ ان جي متبادل ذريعن ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جو اهم ڪردار سڀني مضمونن کي جديد انداز ۾ باضابطه طور آسان بڻائي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڀني رڪاوٽن کي پار ڪندي روايتي طريقن کي چيلنج ڪندي آهستي آهستي ختم ٿي ويا آهن. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران دائود يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز نور سمون، وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين، چيئرمين سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڊاڪٽر طارق رفيع، پرو-وائيس چانسلر پروفيسر عبدالوحيد ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته دائود انجنيئرنگ پاڪستان جو پهريون ادارو آهي جنهن 63 سال اڳ اليڪٽرونڪ انجنيئرنگ ۽ انڊسٽريل انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ جهڙن شعبن ۾ ڊگري پروگرام متعارف ڪرايا. هن يونيورسٽي ڪيترائي ناليوارا شاگرد پيدا ڪيا جن پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اسپارڪو، پي ٽي سي ايل ۽ ٻين اهڙن ادارن جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آرڪيٽيڪچر جي شعبي ۾ سندن شاگردن هڪ ٽيم جيان عالمي سطح تي پاڻ کي مڃرايو آهي جيڪو دبئي ۽ سڄي دنيا جي ٻين تاريخي انفراسٽرڪچر جو حصو رهيو آهي. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته هڪ وقت هو جڏهن هن اداري جي ڪارڪردگي گهڻي متاثر هئي جڏهن ته هي ادارو وڏي شان جو مستحق هو. هن چيو ته ويزن، ديانتداري، عزم ۽ حوصلو ڪنهن به صورتحال کي تبديل ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هو دائود يونيورسٽي جي بحالي ۽ معيار کي هڪ شاندار اداري طور اڀريندي ڏسي رهيو آهي، جسٽس باقر چيو ته هو ڪانفرنس جي موضوع ’بليرنگ دي بيريرز‘ ۽ حقيقي سوچ جي تعريف کان متاثر ٿيو آهي ۽ کيس ڏسي خوشي ٿي آهي. وڏي وزير چيو ته مختلف فيڪلٽيز جي ماهرن جي موجودگي 180 ڊگرين جو ڪنٽريسٽ پيش ڪري رهي آهي يعني انجنيئرنگ جي سمورن شعبن جا ماهر هتي موجود آهن. وڏي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقي، توانائي جو بچاءُ ۽ ان جا متبادل ذريعا ۽ روزاني زندگيءَ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي اهم ڪردار سڀني موضوعن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري باضابطا طور تي جديد طريقي جون سهولتون فراهم ڪيون آهن. اهي سڀ رڪاوٽون پار ڪرڻ ۽ روايتي طريقن کي چيلينج ڪندي اهي آهستي آهستي ختم ٿي ويا آهن. وڏي وزير سنڌ چيو ته مون کي ڪانفرنس جي بهترين نتيجن جون وڏيون اميدون آهن. هن چيو ته آئون ملڪ جي مختلف حصن ۽ پرڏيهه مان ايندڙ ماهر اسپيڪرن ۽ پينلسٽن کان سفارشون وٺڻ جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آهيان. هن ٻين ملڪن جي معزز ڳالهائيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ته انهن جي موجودگي يا اسان جي شاگردن ۽ فيڪلٽي سان پنهنجو علم آن لائن شيئر ڪيو. وڏي وزير چيو ته احترام ۽ سکڻ جي خواهش ئي هر قوم لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته اهي سمپوزيم ۽ ڪانفرنسون مستقبل جا دروازا کولڻ جي برابر آهن. هن سمورن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو هن ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس مان ڀرپور فائدو وٺن. ان کان اڳ ايڇ اي سي سنڌ جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع ۽ دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين پڻ ڪانفرنس جي اهميت بابت خيالن جو اظهار ڪيو.










