ووٽ ڏيڻ بعد ميمبر خلاف ڪاروائي ٿي سگهي ٿي، عدالت

ووٽ ڏيڻ بعد ميمبر خلاف ڪاروائي ٿي سگهي ٿي، عدالت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئين جي آرٽيڪل 63 ون اي، جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جو ووٽ ته هر حال ۾ ٿيندو، ڪنهن ميمبر جو ووٽ ڏيڻ بعد ان کي ڳڻپ ۾ نه آڻڻ توهين جوڳو هوندو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ ڏٺو ويندو ته ان سان ڇا ڪجي، ووٽ خلافر ڏيڻ يوارو پارٽي ڇڏي چڪو ان بعد معاملو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ايندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اصل مسئلو ته نا اهلي جي مدت جو آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت ۾ اهو به اعتراف ڪيو ته ووٽ ڏيڻ کان اڳ آئين جو آرٽيڪل 63 اي ڪنهن به اسيمبلي ميمبر تي لاڳو نٿو ٿي سگهي، ڏسڻو اهو آهي ته ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميمبر جو ڇا ٿيندو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 63 اي ۾ هڪ طريقو آهي، آرٽيڪل 63 اي جي روح کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، عدالت جو ڪم خالي جايون ڀرڻ ناهي، اهڙا معاملا ريفرنس بدران پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن. بعد ۾ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. ياد رهي ته مخالف ڌر پارٽين قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر 25 مارچ تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ 28 يا 29 مارچ تي ووٽنگ ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو