ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)ڀارت، پاڪستان کي 88 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستاني ٽيم 43 اوورن ۾ 159 رنز تي ڍير ٿي وئي. ڀارتي ٽيم 50 اوورن ۾ 247 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان کي 248 رنز جو ٽارگيٽ مليو آهي. پاڪستان جي اوپنر منيبه علي 2 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي وئي، ٻئي اوپنر صدف شمس 6 ، عاليا رياض 2 ۽ نتالي پرويز 33 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيون، ون ڊائون سدرا امين ۽ ڪپتان فاطما ثنا اسڪور اڳتي وڌايو. 30 اوورن ۾ ٽيم جو اسڪور 100 کان اڳتي ٽپايو پر 102 جي اسڪور تي فاطما ثا 2 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي وئي. جنهن بعد پاڪستان جي ٽاپ اسڪورر سدرا امين به 81 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ته پاڪستان جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. رامين شميم زيرو تي آئوٽ ٿي ۽ پاڪستان جون 150 تي 8 وڪيٽون ڪري چڪيون هيون.بعد ۾ ڊيانا بيگ 9 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي، سدرا نواز 14 ۽ سدرا اقبال زيرو تي آئوٽ ٿي. آءِ سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ، وومين ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ پاڪستان ۽ انڊيا جي ٽيمن وچ ۾ آر پريماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾کيڏي وئي. پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. 2025 جي عالمي ڪپ جي ميزباني ڀارت ڪري رهيو آهي پر گذريل سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ طئي ٿيل هائبرڊ ماڊل مطابق ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ملڪن بدران فرينڊلي ڪنٽري ۾ ميچ کيڏندا. ڀارت اوپنرز 48 رنز جي پارٽنرشپ ٺاهي ته سمرتي منڌانا کي 23 رنز ٺاهڻ بعد ڪپتان فاطما ثنا ايل بي ڊبليو ڪيو، ٻئي اوپنر پرتيڪا راول کي 31 رنز ٺاهڻ بعد سعديا اقبال بولڊ ڪيو. ٽاپ اسڪورر هرلين ديول ڀارتي اننگ جو واحد ڇڪو هڻي 46 رنز ٺاهي ڊيانا بيگ جي بال تي سدرا نواز هٿان ڪيچ ٿي، ڪپتان هرمن پريت ڪور 19، جيميما روڊريگز 32، ديپتي شرما 25، سنهي رانا 20، وڪيٽ ڪيپر ريچا گوش 35 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، نالاپريدي چارڻي هڪ، ڪرانتي گود 8، رينوڪا سنگهه زيرو تي آئوٽ ٿي. ڊيانا بيگ 4، فاطما ثنا ۽ سعديا اقبال ٻه ٻه، رامين شميم ۽ نشرا سنڌو هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڊيانا بيگ 100 وڪيٽون وٺڻ جو حدف به حاصل ڪيو، هن ون ڊي ۾61 ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 39 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.










