لاهور(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا خلاف 3 ون ڊي ۽ 1 ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ قومي ڪرڪيٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آصف آفريدي ۽ محمد حارث کي پهريون ڀيرو پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته کاٻي هٿ جي اسپنر آصف آفريدي ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد حارث ڊوميسٽڪ ميدان ۾ شاندار پرفارمنس سبب سليڪٽرز جو ڌيان ڇڪايو هو. تازو ئي ختم ٿيل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ستين ايڊيشن ۾ آصف ملتان سلطانز لاءِ 5 ميچن ۾ 8 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته 20 سالن جي حارث پشاور زلمي لاءِ 5 ميچون کيڏيون 186.5 جي شاندار اسٽرائڪ ريٽ سان 166 رنسون ٺاهيون. محمد حارث هن وقت تائين خيبرپختونخواهه طرفان پاڪستان ڪپ ۾ 7 ميچن ۾ صرف 44 کان گهٽ جي اوسط سان 219 رنسون ٺاهي چڪو آهي جڏهن ته آصف آفريدي خيبرپختونخواهه طرفان 7 ميچن ۾ 4.39 جي اڪانومي ريٽ سان 8 وڪيٽون ورتيون آهن. ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ چونڊيل رانديگرن جا نالا هي آهن: بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، آصف آفريدي، آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، حسن علي، افتخار احمد، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر) محمد نواز، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد وسيم جونيئر، سعود شڪيل، شاهين شاهه آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي، عثمان قادر شامل آهن. ٽي 20 سيريز لاءِ چونڊيل رانديگرن جا نالا هي آهن: بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، آصف آفريدي، آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، حسن علي، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر)، محمد نواز، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي، عثمان قادر شامل آهن. هنن رانديگرن کي 22 مارچ تي لاهور گهرايو ويو آهي. ان کان اڳ راولپنڊي ۾ رٿيل سموريون ميچز لاهور منتقل ڪيون ويون هيون.










