ڪراچي(دريا خان شر) سنڌ حڪومت جمع تي ڪراچي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ون ڊي ميچ ۾ اسٽيڊيم ڀرڻ لاءِ سمورين ڪاليجز جي پرنسپلز کي خط لکيو آهي ته 15 کان 20 شاگرد اسٽيڊيم پهچايو. خط جي ڪاپي سنڌيار وٽ موجود آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي مفت ٽڪيٽون فراهم ڪيون وينديون پر ساگردن کي اسٽيڊيم پهچائڻ ۽ ميچ بعد گهر پهچائڻ جو انتظام هر ڪالج جو پرنسپل پاڻ ڪندو. ياد رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ودي ميچز جي سيريز 27 کان شروع ٿيندي، ٻيو ميچ 29 ۽ آخري ميچ 2 آڪٽوبر تي ٿيندي. ٽنهي ميچن لاءِ ڪاليجز مان شاگرد آڻڻ لاءِ پرنسپلز کي هدايت ڪئي وئي آهي.











