اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري روات لانگ مارچ ۾ پهچي ويو ته ايڪ زرداري سب پي ڀاري جا نعرا شروع ٿي ويا. هن چيو ته مان دوستن ۽ دشمنن کي سڃاڻان ٿو، وقت اچي ويو آهي ته ناپاڪ وزيراعظم کي هٽائي ڪنهن شريف ماڻهو کي ان عهدي تي آڻيون. زرداري چيو ته بلاول اوهانجو ٻچو آهي، ڀاءُ آهي، هن بي بي شهيد جو الم کنيو آهي ۽ اسين اوهانکي مشڪل مان ڪڍنداسين.










