اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري وقتي اسپيڪر جي عهدي تان پي ٽي آءِ جي 123 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ قاسم سوري چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي 123 ميمبرن جون استعيفائون کيس قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر جي حيثيت سان مليون آهن، اهي قاعدن ۽ ضابطن تحت منظور ڪيا ويا آهن.










