وفاق جي زرعي پاليسي هاري دشمن آهي، قبول نه ڪبي، وساڻ

وفاق جي زرعي پاليسي هاري دشمن آهي، قبول نه ڪبي، وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار جي نئين زرعي پاليسين کي هاري دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته زرعي شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان زرعي شعبو متاثر ٿيندو، اسان وفاقي تجويز کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري وفاقي فيصلي کي قبول نه ڪنداسين، زرعي شين ۽ ٽريڪٽرن جي خريداري تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان ملڪ جي هارين جي کيسي تي 104 ارب رپين جو بار پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو اڳ ئي خطرو آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ زراعت تباهه ٿي وئي آهي، عمران حڪومت آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ ملڪ جي هارين جو معاشي قتل ڪري رهي آهي. منظوروساڻ چيو ته عمران حڪومت هارين جي مالي لچڪ وڌائڻ ۽ فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، هڪ طرف عمران حڪومت چوي ٿي ته زراعت ترجيحن ۾ شامل آهي ته ٻئي طرف ٽيڪسن جي ڀرمار آهي. هن چيو ته مافياز يوريا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري هارين جا اربين رپيا لٽيا، هاڻي ٽيڪس لڳائي اربين رپيا گڏ ڪيا پيا وڃن، عمران خان جي حڪومت ۾ هارين کي ڪڻڪ جو اگهه گهٽ ملي رهيو آهي، سنڌ سڀ کان وڌيڪ امدادي قيمت ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته عمران حڪومت زراعت لاءِ پاليسي نه ٺاهي ته خطرو وڌي ويندو، حڪومت جي غلط قدم سان ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻيون زرعي شيون درآمدڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين،  حڪومت کي جلد کان جلد قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو