وفاق ايندڙ بجٽ مان سنڌ جون 274 اسڪيمون ڪٽي ڇڏيون

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ جون 274 اسڪيمون رد ڪري ڇڏيون، رڳو ساڍن ڏهن اربن جون 19 اسڪيمون منظور ڪيون. اهڙي منظوري سالاني منصوبن بابت رابطا ڪميٽي ( اي پي سي سي) جي اجلاس ۾ ڏني وئي. سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ معدنيات واري وزير شبير بجاراڻي جو سخت احتجاج، وفاق سنڌ سان ظلم پيو ڪري. هن صحافين کي ٻڌايو ته ٿاڻو بولا خان ۾ دراوت ڊيم، سدرن باءِ پاس، ميرپور خاص کان عمر ڪوٽ روڊ، سيوهڻ کان ڄامشورو روڊ، سکر بئراج جي بحالي، ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت اڪثر اهم منصوبا وفاق حڪومت ڪٽي ڇڏيا ۽ اهو چيو ته وفاق وٽ پئسان ناهن، صوبو پاڻ بندوبست ڪري. بجاراڻي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 102 ارب روپين جي لاڳت سان هلندڙ وفاقي منصوبن جي بجٽ گهٽ ڪري رڳو 37 ارب 70 ڪروڙ ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ جي سڀني علائقن ۽ صوبن جي گهٽ ترقياتي علائقن جي مد ۾ اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن پر سنڌ واحد صوبو آحي جنهن لاءِ ان مد ۾ هڪ ٽڪو به ناهي رکيو ويو. هوڏانهن وفاق حڪومت جو چوڻ آهي ته صوبن جي اعتراضن بابت ڪميٽي ٺاهي پئي وڃي جيڪا غور ڪندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو