وفاقي ڪابينا ۾ ڪير ڪير شامل هوندا؟ مشورا جاري

وفاقي ڪابينا ۾ ڪير ڪير شامل هوندا؟ مشورا جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي عهدي لاءِ متحده مخالف ڌر جي اميدوار شهباز شريف ڪابينا ٺاهڻ لاءِ اتحادين سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب ڪابينا ۾ مسلم ليگ ن مان 12 ۽ پ پ مان 7، جي يو آءِ ف مان 4، ايم ڪيو ايم مان 2 ۽ بي اين پي مينگل، اي اين پي، ڄامشوري وطن پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي کي هڪ هڪ وزارت ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ محسن داوڙ، اسلم ڀوتاڻي ۽ طارق بشير چيما کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. مسلم ليگ ن طرفان خواجا آصف، سعد رفيق، خرم دستگير، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، شائستہ پرويز ملڪ، راڻا ثناءُ الله ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي جي ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان آهي. سينيٽ ۾ قائد ايوان لاءِ سينيٽر اعظم نذير تارڙ جو نالو غور هيٺ آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي سينيٽ مان شيري رحمان يا مصطفيٰ نواز کوکر کي وزارت ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير ٿي سگهي ٿو جڏهن ته شازيه مري جو نالو به غور هيٺ آهي. جي يو آءِ (ف) مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان يا ڪي پي جو گورنر سندس پارٽي مان هجي، پنجاب جو گورنر پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم مان ٺاهيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو