لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا طرفان چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏڻ ڪافي ناهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙي لاڏلي کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته 2018 ۾ جيڪو ڪم فيض، کوسا ۽ ثاقب نثار انجام ڏنو، اها ذميواري هاڻ هن بئنچ کنئي آهي، ان خوفناڪ ۽ هَٺ سان ڪيل سهولتڪاري ۽ ون مين شو خلاف سپريم ڪورٽ جي اڪثريت بغاوت ڪري ڇڏي.سندس چوڻ هو وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ ان سهولتڪاري کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني هٿن سان روڪي.










