وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب حج خرچن جي رقم جو به اعلان ڪيو ويو آهي.اتر پاڪستان کان ايندڙ حاجين لاءِ حج جو خرچ 11 لک 75 هزار رپيا في ماڻهو هوندو.ڏکڻ پاڪستان کان ايندڙ حاجين جو حج خرچ 11 لک 65 هزار رپيا هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سال 179 هزار 210 پاڪستاني حج لاءِ سعودي عرب ويندا.ٻئي طرف وفاقي ڪابينا نيب ترميمي بل ۽ نيشنل ايئر پاليسي جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو