وفاقي محتسب جي صلاحڪار جو سئي گيس جي ميگا سينٽر جو دورو

وفاقي محتسب جي صلاحڪار جو سئي گيس جي ميگا سينٽر جو دورو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)وفاقي محتسب اعليٰ پاڪستان اعجاز احمد قريشي جي هدايتن تي پروگرام ”فوري انصاف“ توهان جي دهليز تي ڏيڻ لاءِ وفاقي محتسب جي صلاحڪار سيد ذاڪر حسين، سيڪريٽري جنرل ريجنل آفيس ڪراچي سوئي سدرن گيس جي ميگا سينٽر ڪورنگي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي انچارج رياض حسين ۽ جنرل مئنيجر عدنان رحمان صاحب تفصيل حاصل ڪري موجود ماڻهن جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن جي فوري حل لاءِ موقعي تي هدايتون جاري ڪيون.ان کان پوءِ هن ڪورنگي ۾ اي او بي آئي ريجنل آفيس جو دورو ڪيو ۽ ريجنل هيڊ فيصل مرتضيٰ کي اي او بي آئي جي تفصيلن کان آگاھ ڪيو ۽ موجوده پينشن جي مسئلن جي حل لاءِ اي او بي آئي آفيس ۾ آيل ماڻهن جون شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن جي جلد حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو