اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڳالهين کان مني بجيٽ آڻڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي شرح مان مطمئن ناهي انڪري آءِ ايم ايف سان ڳالهين کان اڳ مني بجيٽ آڻي سگهجي ٿي جنهن جو مقصد آمدني وڌائي آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻو آهي.آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کان وري ڊو مور جو مطالبو ڪيو پيو وڃي جنهن سان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو خدشو آهي.ناڻي واري وزارت موجب ٽئڪس آمدني وڌائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي، مختلف امپورٽڊ شين تي ٻه سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ آڪٽين پيٽرول تي فوري يارنهن سيڪڙو سيلز ٽئڪس لاڳو ٿي سگهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي ليوي جي شرح پنجاهه رُپيا تائين وڌائي سگهجي ٿي جي منظوري اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ورتي ويندي.واضح رهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلندڙ مهيني جي ٽئين هفتي ۾ ٿينديون، ان کان اڳ ڳالهيون گذريل ڏينهن شروع ٿيڻون هيون.










