وفاداري مٽائيندڙ 14 ايم اين ايز کي شوڪاز نوٽيس جاري

وفاداري مٽائيندڙ 14 ايم اين ايز کي شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي وفاداري مٽائيندڙ 14 ايم اين ايز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جنرل سيڪريٽري اسد عمر جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيسز ۾ کين 7 ڏينهن ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته هو معافي وٺي واپس اچي سگهن ٿا. نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصل وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو هو ته ميمبرن جي 5 سالن لاءِ نا اهلي بابت آرڊيننس جاري نٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اڄ وري اجلاس طلب ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو