لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ٿي، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي رهائشگاهه ماڊل ٽائون پهتو، ماڊل ٽائون پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف، آصف علي زرداري جي آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ ملاقات ٿي.ذريعن موجب ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين خوشگوار ماحول ۾ جاري رهي، جنهن ۾ عام چونڊن، نگران سيٽ اپ سميت ايندڙ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته واضح موقف اختيار ڪيو ته عام چونڊن ۾ ڪنهن به صورت ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. آصف زرداري ۽ شهباز شريف جي موجوده اسيمبلي جو مدو پاڻمرادي آئيني تاريخ تي ختم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جنهن موجب موجوده قومي اسيمبلي جو مدو 12 ۽ آگسٽ جي وچين رات پاڻمرادو ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ نگران حڪومت اچي ويندي. پ پ جي تجويز تي شهباز شريف ٻين اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ايندڙ نگران وزيراعظم ڪنهن بيورو ڪريٽ بدران سياستدانن کي آڻڻ تي غور ڪيو. ذريعن موجب آصف زرداري آءِ ايم ايف معاهدي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس ڊيل تي مبارڪباد ڏني، جنهن تي شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا.










