ڪڻڪ جي خريداري جو فارمولا  جوڙڻ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪڻڪ جي خريداري جو فارمولا جوڙڻ لاءِ ڪميٽي قائم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري جو منصوبو تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڪڻڪ خريداري جي لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو سربراهه ناڻي وارو وزير هوندو. ڪميٽي عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي نقطه نظر کي آڏو رکندي ڪم ڪندي.ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جو وزير، واپار وارو وزير ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُالله به شامل آهي.ڪميٽي ڪڻڪ جي مارڪيٽ جي موجوده ريگوليٽري فريم ورڪ جو جائزو وٺندي ته جيئن ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي ۽ قيمتن کي آڏو رکندي ربيع 25-2024 جي لاءِ ڪڻڪ جي پاليسي جون سفارشون تيار ڪندي ته جيئن خريداري کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.اها پاليسي اسٽيڪ هولڊرز ۽ صوبن سان مشاورت کان پوءِ سمورن لاڳاپيل معاملن جنهن ۾ امدادي قيمت، وفاقي حڪومت ۽ صوبن طرفان ڪڻڪ جي خريداري جون سفارشون، ڪڻڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جي استحڪام کي يقيني بنائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو