وزيراعظم  کي هدايت ڪبي ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي بابت ذميواري کڻي

وزيراعظم کي هدايت ڪبي ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي بابت ذميواري کڻي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اي ٽي سي سرگوڌا جي جج کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شاهد ڪريم نوٽيس کي رٽ ۾ تبديل ڪندي چيو ته مان ان ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر ۽ جڊيشل اسسٽنٽ مقرر ڪندس.وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن معلوم ٿيو ته ڪنهن جج سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي ته جاچ لاءِ تيار آهيون.جنهن تي جسٽس شاهد ڪريم چيو ته عدالت وزيراعظم کي هدايتون جاري ڪندي ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي بابت ذميواري ورتي وڃي. ان کانپوءِ به جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته سڌو سنئون وزيراعظم کان پڇنداسين، وزيراعظم کي ذميواري کڻڻي پوندي، آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ وزيراعظم جي ماتحت آهي.جسٽس شاهد ڪريم چيو ته آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ويندي ته مستقبل ۾ روڊ بلاڪ ڪرڻ تي جج سان صلاح ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي، آءِ جي پنجاب ان حوالي سان سمورن پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪري. اي ٽي سي عدالتن جي سمورن ججن جي موبائيل فونن ۾ ڪال رڪارڊنگ ايپس هجڻ گهرجن، جيڪڏهن اهڙي فون ڪال ملي ته ان کي رڪارڊ ڪيو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي جولاءِ جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو