وزيراعظم کي بلوچستان جي اتحادين کي گڏ کڻي هلي: مير نادر مگسي

وزيراعظم کي بلوچستان جي اتحادين کي گڏ کڻي هلي: مير نادر مگسي

شهدادڪوٽ ( ن سنڌيار) پيپلز پارٽي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر مگسي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي بلوچستان جي اتحادين کي هلائڻ گهرجي نه هلايو ويو ته وري حڪومت کان الڳ ٿيندا ته پوء وري حڪومت کي تڪليف ٿيندي، اڳوڻي حڪومت کي به بلوچستان جي اتحادين کي هلائڻو هو پر نه هلائي سگهي جنهن ڳالھ تان ڌار ٿي ويا هئا، حڪومت اتحادين تي هٿ رکي هلائڻ چاهي ته ڪو مسئلو ناهي شهدادڪوٽ جي مگسي هائوس ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي چيو ته بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۾ گهٽ حصو ڏنو پيو وڃي جنهن تان بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) ۽ اسلم ڀوتاڻي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، وزير اعظم کي گهرجي ته بلوچستان جي اتحادين سان ٿيل معاهدي تي عمل ڪرائي هن چيو ته موجوده حڪومت بلوچستان ۽ ان جي معاملن کي نارمل طريقي سان نه پر ان تي گهري نظر سان ڏسي اڳوڻي حڪومت کان به ان عمل ڪري سڀ ڌار ٿي موجوده حڪومت جو حصو ٿيا آهن ايم ڪيو ايم جا شهري علائقن جي حوالي سان خدشا جائز آهن ۽ هنن سنڌ حڪومت سان فنڊز ۽ پنهنجي آفيسرن جي مقرر ڪرائڻ جي لسٽ ڏني آهي مان سمجهان ٿو ته لسٽ تي آهستي ڪم جاري آهي جيڪي هو جلدي عمل چاهن ٿا شايد اهو نه ٿي سگهيو آهي مير نادر مگسي چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي اليڪشن جي ٻئين مرحلي ۾ اگر ڪامياب ٿي آئي ته کيس نظام ۾ شامل ڪيو ويندو باقي جي يو آئي ف جي ڌاندلي جا الزام صحيح نه آهن، اگر ڌاندلي جا ثبوت آهن ته سامهون آڻين بلدياتي اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ اسان سان به ناانصافي ٿي آهي جنهن جي شڪايت مون پاڻ جمع ڪرائي آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي سميت کٽي آيل آزاد اميدوار اسان جا آهن، ضلعي چيئرمين سميت شهدادڪوٽ، قبوسعيد خان جي چيئرمينز جي اميدوارن جو فيصلو پارٽي ڪندي جنهن ۾ منهنجي راء ضرور شامل هوندي پر اميدوارن بابت ڪجھ به چوڻ وقت کان اڳ هوندو اسان جي ڪوشش رهندي ته ڃاڻايل اهم عهدن تي اهڙا ماڻهون آڻيون جيڪي عوام جا مسئلا هل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو