اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي-اسلام آباد ميٽرو بس سروس گرين لائين ۽ بليو لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو.گرين اينڊ بليو لائين ميٽرو بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ميٽرو بس سروس ۾ ماڻهو هڪ مهيني لاءِ مفت سفر ڪندا.15 ڪلوميٽر ڊگھي گرين لائن ميٽرو بس سروس روٽ تي 8 مسافر اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 20 ڪلوميٽر ڊگھي بليو لائين ميٽرو بس سروس روٽ تي 13 مسافر اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.وزيراعظم شهباز شريف ٽڪيٽ ورتي ۽ ميٽرو بس ۾ سفر ڪيو، ان موقعي تي وفاقي وزير پڻ موجود هئا.شهباز شريف چيو ته قوم اسان کان چئن سالن جي دير جو جواب گهري ٿي، ماضي جون خاميون ۽ دير جو ازالو ڪيو وڃي.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ سولر انرجي نيٽ ورڪ وڇائڻ جو به اعلان ڪيو ۽ ان حوالي سان اڄ اهم اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ سولر انرجي بابت فيصلا متوقع آهن.










