اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان اسلام آباد ميٽرو بس سروس جو افتتاح ڪيو. پشاور موڙ کان اسلام آباد ميٽرو بس منصوبي کي بعد ۾ وڌايو ويندو ۽ ان کي روات تائين وڌايو ويندو جڏهن ته رمضان المبارڪ دوران بس ۾ سفر ڪندڙ شهرين کان ڪا به ٽڪيٽ نه ورتي ويندي، ان بس سروس سان روزانو 50 هزار شهري فائدو وٺندا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته منصوبي تي ترڪي ۽ چين جا شڪر گذار آهيون، منصوبو 2018ع ۾ آپريشنل ٿيڻو هو پر بدقسمتي سان حڪومت جي تبديلي سان اهو منصوبو ۽ اهڙا سمورا منصوبا بند ٿي ويا.وزيراعظم چيو ته ان منصوبي لاءِ هاڻي پنجاب ٽرانسپورٽ اٿارٽي کان 15 بسون قرض ورتيون ويون آهن.










