وزيراعظم پاڪستان سان جنيوا ڪانفرنس بابت آئي ايم ايف جا مشورا

نيويارڪ(بيورو رپورٽ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي ترجمان ايستر پيريز جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاڪستان سان ايم ڊي آءِ ايم ايف جنيوا ڪانفرنس جي حوالي سان تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ايم ڊي آءِ ايم ايف سان 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو ته جنيوا ۾ رزيلينٽ پاڪستان تي عالمي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، ايم ڊي آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب سڌي ريت متاثر ٿيل ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان ٻوڏ جي پائيدار بحالي ۾ مدد ڪري.آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنيوا ڪانفرنس جي موقعي تي آءِ ايم ايف جي وفد جي پاڪستان جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو