اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته اسيمبليون 9 آگسٽ تي ٽوڙي ويندي.وزيراعظم شهباز شريف پاران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي اعزاز ۾ رات جي ماني جو انتظام ڪيو ويو.رات جي ماني ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙي ويندي، سمورن اتحادين ۽ سياسي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪيو ويو آهي، مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سان به مشاورت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ حڪومت سنڀالي، هر طرف خطرا هئا، ملڪ ڊفالٽ جي ويجهو هو، هن 15 مهينن ۾ سمورين تنقيدن باوجود رياست کي بچايو، اڄ اسان جو ضمير مطمئن آهي ته اسان ملڪ کي بحرانن مان بچايو. سياست کي قربان ڪري ڦٽو ڪيو ويو شهباز شريف چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪي ڪنڊا پوکيا، هن شخص هر ادارو ۽ ڊپارٽمينٽ تباهه ڪري ڇڏيو، اتحادي حڪومت جي سهڪار سان هر ڏکيائي تي قابو ڪيو ويو.هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو آسان نه هو، هي پل به پار ڪيو ويو، اسان جي حڪومت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي، ڪوشش آهي ته نگران سيٽ اپ ٺاهيو وڃي جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول هجي.وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو، شهباز شريف پارليامينٽ ميمبرن جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي استقبال ڪيو، وزيراعظم انفرادي طور ميمبرن جي سيٽن تي ويو ۽ انهن سان ملاقات ڪئي.رات جي ماني ۾ چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي به شرڪت ڪئي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب ۽ وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن به ڊنر ۾ شرڪت ڪئي.










