اسلام آباد ( بيورو) وزيراعظم شهباز شريف پي ايم رليف فنڊ جي آڊٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته واعدي موجب شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت پي ڊي ايم رليف فنڊ جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته پي ايم رليف فنڊ جي آڊٽ اي جي پي آر ۽ عالمي ساک رکندڙ ڪمپني ڪندي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ڪمپنيون رليف فنڊ جي رقم جي خرچ سميت فنڊ جي آڊٽنگ ڪنديون ۽ آڊٽ رپورٽ عام ڪئي ويندي.










