وزيراعظم پاران  ٻوڏ متاثرن جا مسئلا حل ڪرڻ تي لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد

وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن جا مسئلا حل ڪرڻ تي لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد

اسلام آباد (بيورو)بلوچستان جي آخري هاءِ وي کي ٽريفڪ بحال ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف پاران اين ايڇ اي ٽيم کي مبارڪباد ڏني وئي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ سول ۽ فوجي اختيارين جي سهڪار کي ساراهيو آهي.شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته دادو گرڊ اسٽيشن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ سول ۽ فوجي اختيارين جي سهڪار سان 36 ڪلاڪن ۾ 3 ڪلوميٽرن جو ڊيم ٺاهڻ جو قدم ساراهه جوڳو آهي.هن وڌيڪ لکيو ته مان اين ايڇ اي جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته رتوديرو ۽ خضدار جي وچ ۾ ايم-8 تي لينڊ سلپ ختم ڪري بلوچستان جي آخري هاءِ وي کي ٽريفڪ بحال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو