اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ ميٽرو بس منصوبي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پشاور موٽر وي ميٽرو اسٽيشن تي پهچندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت تائين هن منصوبي تي 16 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، هي منصوبو گهڻي دير کان ڇو هلي رهيو آهي؟ هي قوم جو پئسو آهي، ان جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ ضروري آهي.شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته عوام جو خيال رکيو وڃي، ان منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ضروري آهي. بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ميٽرو لاءِ شروعاتي طور تي 15 بسون ڏنيون پيون وڃن.ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم اسلام آباد ميٽرو بس جي ڪم جو معائنو ڪرڻ لاءِ صبح 7 وڳي پشاور پهتو.هن چيو ته منصوبو 2017ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ شروع ٿيو هو ۽ 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پنجن سالن جي دير باوجود منصوبو شروع نه ٿيو.










