وزيراعظم پاران صدر ۽ فوجي سربراهن کي عيد مبارڪ

وزيراعظم پاران صدر ۽ فوجي سربراهن کي عيد مبارڪ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف صدر عارف علوي ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن سميت سمورن ساٿين کي ٽيليفون ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف صدر عارف علوي، چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ايئر چيف ظهير احمد بابر ۽ نيول چيف ايڊمرل امجد نيازي کي ٽيليفون ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني. ان کان علاوه شهباز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي به ٽيليفون ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ والاريل ڪشمير جي عوام تي عيد نماز جي اجتماعن تي پابندي جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم ڪشميرين کي ووٽ جو حق ملڻ تائين سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جو واعدو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو